سنڌ جون خبروننڪور خبرون

صحت کاتي ۾ جلد ڀرتيون شروع ڪرڻ جو اعلان، کاتي کي مثالي بڻائڻ جي ضرورت آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير  هڪ ڀيرو ٻيهر آر او پلانٽس کي بنادير فعال بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، مراد علي شاهه چيو آهي ته صحت کاتي ۾ بهتري آئي آهي، پر کاتي کي اڃا به وڌيڪ مثالي بڻائڻ جي ضرورت آهي، صحت کاتي ۾ جلد ڀرتيون ڪيون وينديون. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صحت کاتي جي ڪارڪردگي ۽ کاتي ۾ خالي اسامين جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ صحت واري وزير ڊاڪٽر عذره پيچوهو، چيف سيڪريٽري، ميجر رٽائرڊ اعظم سليمان، چيئرمين پي اينڊ ڊي ، محمد وسيم، سيڪريٽري صحت عثمان چاچڙ، ناڻي واري سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. سيڪريٽري صحت اجلاس دوران وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته صحت کاتي ۾ ڊاڪٽرز ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جون 5 هزار 307 نوڪريون جون جايون خالي آهن. وڏي وزير چيو ته سندن ڪوششن جي ڪري صحت کاتي ۾ بهتري آئي آهي پر کاتي کي اڃا به وڌيڪ مثالي بڻائڻ لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. مراد علي شاهه چيو ته صحت کاتي جي خالي جاين ۾ جلد ڀرتيون ڪيون وينديون. ان کان اڳ وڏي وزير  پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس جي صدارت پڻ ڪئي. اجلاس دوران وڏي وزير  بند پيل آر او پلانٽس کي بنا دير فعال بڻائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته جتي بجلي جو مسئلو آهي انهن علائقن ۾ آر او پلانٽس کي سج جي روشني تي هلايو وڃي

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close