پاڪستاننڪور خبرون

فيصلا گوگل سان ٿي رهيا آهن، لڳي ٿو ته انڊر اليون جي ٽيم حڪومت ڪري پئي: مخالف ڌر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ نون جي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت جي هر شيءَ جا فيصلا گوگل سان ٿي رهيا آهن ۽ لڳي ٿو ته انڊر اليون جي ٽيم حڪومت ڪري رهي آهي، هر معاملي جو حل گوگل ڏئي ته حڪومت ڪهڙي مرض جي دوا آهي؟ اسلام آباد ۾ اپوزيشن جي ٻين اڳواڻن سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته مسلم ليگ نون اپوزيشن جي سڀ کان وڏي جماعت آهي پر هنن قرباني ڏني ۽ پنهنجو صدارتي اميدوار نامزد نه ڪيو، هنن جي صدارتي اميدوار مولانا فضل الرحمان جا چونڊ فارم منظور ڪيا ويا آهن. هن چيو ته اپوزيشن جو گڏيل اميدوار هجي ته ڪامياب ٿي سگهي ٿو، هو اميد ڪن ٿا ته پيپلز پارٽي اپوزيشن جي اڪثريت جو احترام ڪندي ۽ صدارتي چونڊن لاءِ سندن حمايت ڪندي. احسن اقبال چيو ته هنن جو پهريون خيال هو ته ملڪ ۾ انڊر نائينٽين جي ٽيم اچي وئي آهي پر جيئن جيئن ڏينهن گذري رهيا آهن لڳي ٿو ته انڊر اليون جي ٽيم حڪومت ڪري رهي آهي. هن چيو ته حڪومت جي هر شيءَ جا فيصلا گوگل مان ٿي رهيا آهن، هر معاملي جو حل گوگل ڏئي ته حڪومت ڪهڙي مرض جي دوا آهي؟ ان موقعي تي جي يو آءِ اڳواڻ عبدالغفور حيدري چيو ته پيپلز پارٽي هڪ جمهوري پارٽي آهي هــُن تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن اميد آهي ته پيپلز پارٽي اپوزيشن جي فيصلي جو احترام ڪندي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close