پاڪستاننڪور خبرون

وفاقي ڪابينا ۾ واڌ جو فيصلو، ايندڙ مهيني وڌيڪ 8 کان 10 وزير شامل ڪرڻ جو امڪان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ته جنهن تحت ايندڙ مهيني وڌيڪ 8 کان 10 وزير ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي. وزيراعظم عمران خان جي ڪابينا هِن وقت 16 وزيرن ۽ 5 صلاحڪارن تي ٻڌل آهي ۽ ڪيتريون ئي وزارتون خالي آهن جن جا قلمدان وزيراعظم وٽ آهن. ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان کي وزارتن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته کوڙ ساريون وزارتون خالي هجڻ ڪري حڪومتي مشينري پنهنجو ڪم ٺيڪ نموني سان نه ڪري رهي آهي ۽ فيصلن جي قدمن ۾ رنڊڪون پيش اچي رهيون آهن. ذريعن موجب وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته جهڙي ريت اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿي رهيو آهي پر ان جي 6 وزيرن جا عهدا خالي آهن جن ۾ مواصلات، پاور ڊويزن، نيشنل فوڊ سڪيورٽي، نجڪاري، شماريات ۽ آبي وسيلا شامل آهن. ذريعن ٻڌايو ته وزيراعظم خالي وزارتن کي ڀرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن جنهن کانپوءِ ايندڙ مهيني 8 کان 10 وزيرن کي ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close