سنڌ جون خبروننڪور خبرون

ڪرپشن جي الزام ۾ اڳوڻو ايم پي ايم بابل ڀيو گرفتار، 10 سيپٽمبر تائين نيب حوالي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي احتساب عدالت اڳوڻي ايم پي ايم بابل ڀئي کي 10 سيپٽمبر تائين نيب حوالي ڪري ڇڏيو. نيب ڪراچي جي علائقي ڊفينس مان اڳوڻي ايم پي اي ۽ پ پ اڳواڻ بابل ڀئي کي گرفتار ڪري احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو. جاچ آفيسر موقف اختيار ڪيو ته بابل ڀئي تي الزام آهي ته هن شڪارپور ۾ ترقياتي ڪمن اندر ڪرپشن ڪئي ۽ وٽس آمدني کان وڌيڪ اثاثا آهن. نيب آفيسر درخواست ڪئي ته بابل ڀئي کي سندن حوالي ڪيو وڃي، کين وڌيڪ جاچ ڪرڻ آهي. ڪراچي جي احتساب عدالت جاچ آفيسر جي درخواست تي بابل ڀئي کي 10 سيپٽمبر تائين نيب حوالي ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي کيس پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي بابل ڀئي چيو ته مٿس لڳايل الزام بي بنياد آهن، هي معاملو 2016ع جو آهي، هو پاڻ نيب آفيس ويو هو. سندس چوڻ هو ته ڪيسن جو مقصد پارٽي سربراهه کي ڌمڪائڻ آهي، جڏهن ته مٿس 56 لک ٽرانزيڪشن جو ڪيس ٺاهيو ويو آهي. بابل ڀئي چيو ته نيب 5 ڪروڙ رپين کان گهٽ جو ڪيس نٿي ٺاهي سگهي ته ان جي جاچ ڪيئن ڪندي؟

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close