سنڌ جون خبروننڪور خبرون

ايف آءِ اي جي عبوري چالان خلاف فريال ٽالپر جي درخواست جي ٻڌڻي ملتوي

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ايف آءِ اي جي عبوري چالان جي خلاف فريال ٽالپر جي درخواست جي ٻڌڻي سندس وڪيل جي عدم موجودگي تي اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. تفصيل موجب مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايف آءِ اي جي عبوري چالان جي خلاف فريال ٽالپر جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت ۾ مزمل ايڊووڪيٽ دليل ڏيندي چيو ته چالان ۾ فريال ٽالپر جو ڪو به ڪردار واضح ناهي، الزامن سان هن جو ڪو به تعلق ناهي جڏهن ته ايف آءِ اي جي ايف آءِ آر ۾ مني لانڊرنگ جو ذڪر ناهي، ايف آءِ اي جي چالان کي غير قانوني قرار ڏنو وڃي. هن عدالت کي ٻڌايو ته فاروق ايڇ نائيڪ ڪراچي ۾ ناهي ان ڪري هو پيش ناهي ٿي سگهيو جنهن تي عدالت فريال ٽالپر جي وڪيل جي عدم موجودگي تي درخواست جي ٻڌڻي اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close