پاڪستاننڪور خبرون

حڪمران نه خدمتگار آهيون، آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪندس: عارف علوي

پشاور (مانيٽرنگ) پي ٽي آءِ جي نامزد صدارتي اميدوار عارف علوي ڳري اڪثريت سان ڪاميابي جي لاءِ پراميد آهي، سندس چوڻ آهي ته اسان حڪمران نه خدمتگار آهيون، عوام ان ڪري اسان کي چونڊيو، آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪندس، چين ۾ نه ويهندس. تفصيل موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جي نامزد صدارتي اميدوار عارف علوي خيبرپختونخواهه جي اسيمبلي ميمبرن سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي عارف علوي چيو ته ڳري اڪثريت سان صدارتي چونڊ ۾ ڪامياب ٿيندو، تحريڪ انصاف جي حڪومت ڪي پي ۾ ڪارڪردگي ڏيکاري، اسان جي ڪاميابي آهي، ان ڪير ڪي پي ڪي جو عوام ٻيهر چونڊيو. نامزد صدارتي اميدوار جو چوڻ هو ته عمران خان کي هڪ صوبي جي قيادت ملي ته ويزن جي موجب ڪم ڪيو، سنڌ ۽ بلوچستان جو عوام به اِهو ئي ٻڌائي رهيو آهي، هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گهرن جي ويزن تي ڪم جاري آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته خدمت ڪندڙن کي قوم چونڊيندي آهي ۽ اُهو ئي حڪمران بڻجندو آهي، اسان حڪمران نه خدمتگار آهيون، عوام ان ڪري اسان کي چونڊيو آهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close