شوبز

ڪراچي ۾ آهيان، اتفاق سان ان ۾ ڀارتي ڇوڪري ۽ پاڪستاني ڇوڪري جي رومانوي ڪهاڻي آهي: جوهي چاولا

ڪراچي (رپورٽر) ڀارتي جي مشهور اداڪارا جوهي چاولا اڄ ڪالهه ڪراچي ۾ موجود آهي. 90 ڏهاڪي ۾ باليووڊ جي ڪيترن ڪامياب فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ جوهي چاولا پاڪستان جي دوري تي آهي ۽ سنڌ جي راڄڌاني جو سير ڪري رهي آهي. اداڪارا ڪراچي ۾ پنهنجي موجودگي جي حوالي سان ٽوئيٽر جي ذريعي پرستارن کي آگاهه ڪيو ۽ پيغام سان گڏ هڪ تصوير به شيئر ڪئي. جوهي چاولا جو چوڻ آهي ته هو ڪراچي ۾ آهي ۽ منجهاندي لاءِ عزيز دوستن سان گڏ بوٽ بيسن وڃي رهي آهيان. ڀارتي اداڪارا وڌيڪ چيو ته هو پاڪستاني رومانوي ڪاميڊي فلم” جواني ڦرنهين آني 2“ ڏسنداسين، اتفاق سان ان ۾ ڀارتي ڇوڪري ۽ پاڪستاني ڇوڪري جي رومانوي ڪهاڻي آهي.واضح رهي ته اداڪارا ان کان اڳ 2013 ۽ 2016 ۾ پڻ هڪ خاندان شادي جي سلسلي ۾ڪراچي جو دورو ڪري چڪي آهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close