پاڪستانسنڌ جون خبروننڪور خبرون

جنهن ملڪ ۾ چيف جسٽس ڇاپا هڻي، ان تي اسان ڇا چونداسين؟ آصف زرداري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته جنهن ملڪ ۾ چيف جسٽس ڇاپا هڻي، ان تي هو ڇا چوندا؟آصف علي زرداري ڪراچي جي بيڪنگ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو، جتي هن جعلي اڪائونٽ ڪيس ۾ 20 لک رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرايا. ان موقعي تي آصف علي زرداري صحافين سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ سندن سوالن جا جواب ڏنا. آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ ۾ 5 هزار يا لک ڪيس رولڙي جو شڪار آهن، چيف جسٽس کي ان تي به ڌيان ڏيڻ گهرجي. هڪ صحافي سوال ڪيو ته اڄ وري اوهان گاڏي تي آيا آهيو، هيليڪاپٽر تي ڇو نه؟ جنهن تي آصف علي زرداري چيو ته هيلي ڪاپٽر جي ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي، ڏسجي ته ڪڏهن ٿو ملي؟هڪ صحافي چيو ته هيليڪاپٽر جو سفر ته سستو ٿي ويو آهي، جنهن تي اڳوڻي صدر جو چوڻ هو ته هو ٻڌي رهيو آهي ته هيلڪاپٽر جو في ڪلو ميٽر سفر  50کان 55 روپين ۾ ٿئي ٿو. هڪ صحافي سوال ڪيو ته ٻڌو آهي ته صدارتي چونڊون ون ٽو ون ٿينديون، اوهان اعتزاز احسن کي هٿ کڻائيندا، جنهن تي آصف علي زرداري چيو ته ٿي سگهي ٿو مولانا فضل الرحمان هٿ کڻي وڃي

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close