سنڌ جون خبروننڪور خبرون

سنڌ ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ تي ضابطو نه اچي سگهيو، 16 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ تي ضابطو نه اچي سگهيو، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپور خاص، لاڙڪاڻي ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن جي ننڍن وڏن شهرن ۾ 12 کان 18 ڪلاڪ بجلي جي بند هجڻ ڪري رهواسي عذاب واري زندگي گهاري رهيا آهن. ڪراچي جي شهري توڙي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ بجلي جي لوڊ شيڊنگ جو سلسلو هلندڙ آهي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي بند هجڻ ڪري پيئڻ جي پاڻي پڻ بحران آهي. حيدرآباد جي قاسم آباد، لطيف آباد، صدر، حيدرآباد، هيرا آباد، لياقت آباد، غريب آباد، پٺاڻ ڪالوني، وحدت ڪالوني، حيسن آباد  ۾ 10 کان 14  ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي جنهن ڪري ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي. سکر، ميرپورخاص ۽ لاڙڪاڻي شهرن ۾ بجلي جي 10 کان 16  ڪلاڪ ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ 14 کان 18  ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. دادو، نوشهرو فيروز، نوابشاهه ۽ سانگهڙ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ 24  ڪلاڪن مان رڳو 6 ڪلاڪ بجلي ڏني پئي وڃي، جڏهن ته 18 ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ سبب رهواسين کي سخت تڪليفون پيش اچي رهيون آهن. ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور ۾ اڪثر بجلي جي بند رهي ٿي، جڏهن ته صنعتي ضلعي گهوٽڪي جا رهواسي به بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ سبب عذاب واري زندگي گهارڻ تي مجبور آهن. خيرپور، جيڪب آباد، شڪارپور ۽ قمر شهدادڪوٽ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ تي ضابطو  نه اچي سگهيو آهي، جڏهن ته ڄامشوري ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف شهرين طرفان ڪاروبار بند ڪري انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي. شهرين جو چوڻ هو ته  هڪ ته بجلي ناهي ٻيو وري ڳرا بل موڪلي کين ويتر پريشان ڪيو پيو وڃي. رهواسين چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن هٿرادو لوڊشيڊنگ تي ضابطو نه آندو ويو هو احتجاجي تحريڪ هلائيندا

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close