سنڌ جون خبروننڪور خبرون

سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ٽائون ڪميٽي ڀان سيد آباد جا 68 ڪچا ملازم برطرف

ڀان سيد آباد (رپورٽر) سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ٽائون ڪميٽي ڀان سيد آباد 68 ڪچا ملازم برطرف ڪيا ويا آهن. ان ڏس ۾ ٽائون ڪميٽي جي ذريعن ٻڌايو آهي ته واٽر ڪميشن جي سربراهه جسٽس امير هاني مسلم پاران ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جون فهرستون گهـُرايون ويون هيون جيڪي فهرستون ڏسڻ کانپوءِ واٽر ڪميشن پاران تفصيلي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي هئي. عدالتي حڪم تي مڪاني ادارن واري کاتي جي ڊائريڪٽر نوٽيفڪيشن جاري ڪري 68 ڪچن ملازمن کي فارغ ڪري ڇڏيو آهي جن ۾ 3 عورت ملازم به شامل آهن. برطرف ٿيل ملازمن ۾ فياض علي، عبدالرزاق، اويس، فرحان علي، راشد، عبدالستار، روشن علي، عرفان، رفيق، دوست ، 3 عورتون رضيا، فاطما ۽ وزيرن سميت 68 ملازم شامل آهن. هوڏانهن ٽائون ڪميٽي جي برطرف ٿيل ملازمن برطرفي خلاف احتجاج ڪيو ۽ چيف جسٽس کي اپيل ڪئي آهي ته سندن برطرفي جو نوٽيس وٺي بحال ڪيو وڃي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close