پاڪستاننڪور خبرون

گڏيل اميدوار تي صدارت لاءِ ووٽنگ کان اڳ ئي نتيجو نڪري ايندو: اعتزاز احسن

اسلام آباد/ڪراچي (رپورٽر) پيپلزپارٽي جي صدارتي اميدوار چوڌري اعتزاز احسن چيو آهي ته گڏيل اميدوار تي صدارت لاءِ ووٽنگ کان اڳ ئي نتيجو نڪري ايندو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته سندن مولانا فضل الرحمان سان معاملا اڃا هلي رهيا آهن، مولانا صاحب معتبر شخصيت آهي ۽ سندس هڪ الڳ مقام آهي، هو ڪنهن به صورت ۾ مولانا فضل الرحمان خلاف نه ڳالهائيندا. هن وڌيڪ چيو ته ڪوشش آهي ته مولانا صاحب سندن حق ۾ فيصلو ڪري ۽ هو پ پ جي اميدوار جي حق ۾ هٿ کڻي وڃي، هو ان معاملي تي ساڻس رابطي ۾ آهن، انشاءُ الله صدارت جي لاءِ ووٽنگ کان اڳ نتيجو نڪري ايندو. واضح رهي ته ملڪ جي نئين صدر جي چونڊ جي لاءِ اليڪشن 4 سيپٽمبر تي ٿيندي جنهن لاءِ گڏيل اميدوار آڻن ۾ اپوزيشن اتحاد ناڪام ٿي ويو. مسلم ليگ ن ۽ ٻين مخالف ڌر جي پارٽين مولانا فضل الرحمان کي صدارتي اميدوار نامزد ڪيو آهي جڏهن ته پ پ طرفان اعتزاز احسن کي ميدان تي لاٿو ويو آهي. مخالف ڌر جي اميدوار جي مقابلي ۾ حڪومتي جماعت تحريڪ انصاف ڊاڪٽر عارف علوي کي صدارتي اميدوار نامزد ڪيو آهي

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close