
پاڪستاننڪور خبرون
اعتزاز احسن اهڙو گهوٽ آهي جنهن کي نه گهر وارا ۽ نه ئي ساهرا مڃي رهيا آهن: فضل الرحمان
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مخالف ڌر جي صدارتي اميدوار مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اعتزاز احسن اهڙو گهوٽ آهي جنهن کي نه گهر وارا ۽ نه ئي ساهرا مڃي رهيا آهن.نجي چئنل کي انٽرويو ڏيندي مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته اعتزاز احسن جي هٿ کڻڻ جو فيصلو هڪ ۽ سندس هٿ کڻائڻ جو فيصلو 10 پارٽين کي ڪرڻو آهي. هن چيو ته ٽوڪ واريون ڳالهيون نه ڪيون وڃن ته رشتي لاءِ ويا ۽ گهوٽ بڻجي اچي ويو، ڇو ته اعتزاز احسن اهڙو گهوٽ آهي جنهن کي نه گهر وارا مڃي رهيا آهن ۽ ساهرا. سندس چوڻ هو ته ڇو نه اهڙي گهوٽ تي اتفاق ڪيو وڃي جنهن کي سڀ تسليم ڪن.