پاڪستاننڪور خبرون

پاڪستان جي دهشتگردن خلاف ڪارروائي ۾ ناڪامي ڄاڻائي آمريڪا 30 ڪروڙ ڊالر امداد روڪي ڇڏي

واشنگٽن (مانميٽرنگ) امريڪا پاڪستان جي 30 ڪروڙ ڊالر امداد روڪي ڇڏي، پينٽاگون چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردن خلاف فيصلائتي ڪارروائي ۾ ناڪام رهيو ان ڪري امداد روڪي وئي، امريڪا اڳ به پاڪستان جي 50 ڪروڙ ڊالر امداد روڪي چڪو آهي. پينٽاگون جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته امريڪي بچاءُ واري وزارت پاڪستان جي 30 ڪروڙ ڊالر امداد روڪي ڇڏي آهي. ترجمان موجب پاڪستان جي امداد دهشتگردي خلاف فيصلائتي ڪارروائي ۾ ناڪامي تي روڪي وئي. واضح رهي ته ان کان اڳ به امريڪا سال 2018 جي شروعات تي پاڪستان جي 50 ڪروڙ ڊالر امداد روڪي ڇڏي هئي، امريڪا پاران پاڪستان جي بند ڪيل ڪل امداد جي ماليت 80 ڪروڙ ڊالر آهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close