پاڪستاننڪور خبرون

پنهنجي صدارتي اميدوار کي ووٽ ڏيارڻ نواز شريف وٽ وڃڻ لاءِ به تيار هئاسين: قمر الزمان ڪائره

لاهور (مانيٽرنگ) پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته پنهنجي صدارتي اميدوار لاءِ ووٽ وٺڻ نواز شريف وٽ وڃڻ لاءِ به تيار هئاسين. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي قمر زمان ڪائره چيو ته سياسي سفر ۾ معافيون نه ورتيون وينديون آهن، جيڪڏهن معافي وٺڻ جي روايت هلي پئي ته پ پ کان هر پارٽي کي معافي وٺڻي پوندي. هن چيو ته شهباز شريف جي خواهش هئي ته اسان نواز شريف سان ملون پر ملاقات نه ٿي سگهي. سندس چوڻ هو ته اسان هڪ ٻئي خلاف چونڊ وڙهي پر هاڻي مخالف ڌر جي پارٽين سان معاملن تي به گڏ هونداسين، اسان کي صدارتي چونڊ وڙهڻي آهي ۽ وڙهنداسين. سندس چوڻ هو ته ڪوشش آهي ته مولانا فضل الرحمان اسان جي ڳالهه مڃي ۽ هو ڳالهه مڃي ويو ته اسان اليڪشن کٽي وينداسين. قمر زمان ڪائره چيو ته صدارتي اميدوار سان گڏ لاهو آيا آهيون، جتي مختلف اسيمبلي ميمبرن سان ملاقاتون ڪنداسين ۽ اعتزاز احسن کان بهتر صدارتي اميدوار نه ٿو ٿي سگهي.  هن چيو ته صدر وٽ هاڻي وڏا اختيار نه آهن پر اعتزاز احسن جي صدر ٿيڻ سان سندس عهدي جا اختيار اهميت اختيار ڪري ويندا جيڪڏهن هو صدر ٿيندو ته عهدي کي چار چنڊ لڳي ويندا. هن چيو ته اعتزاز احسن هر دور جي آمر خلف وڙهيو، اميد آهي ته سڀ اعتزاز احسن جي نالي تي متفق ٿي ويندا.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close