پاڪستاننڪور خبرون

ڳڻتي نه ڪيو، مسنگ پرسن ڪميشن ماڻهن کي آزاد ڪرائيندي: سپريم ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) چيف جسٽس ثاقب نثار گم ٿيل ماڻهن جا نالا مسنگ پرسن ڪميشن کي موڪلي ڇڏيا. چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان کي گم ٿيل ماڻهن ۽ سندن گهر وارن جو احساس آهي، توهان ڳڻتي نه ڪيو، مسنگ پرسن ڪميشن توهان جي ٻارڙن کي بازياب ڪرائيندي. چيف جسٽس ثاقب نثار گم ٿيل ماڻهن جي وارثن سان ملاقات ڪئي.  عورت چيف جسٽس کي ٻڌايو ته منهنجو پٽ صابر منصور 2016 گم آهي، اسان لالو کيت جا رهائشي آهيون، مان ۽ منهنجو پٽ ڌڪاکائي ٿڪجي پيا آهيون. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن ۾ اعليٰ آفيسر موجود آهن، تمام جلد گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي ٿيندي. چيف جسٽس نثار گم ٿيل ماڻهن جا نالا مسنگ پرسن ڪميشن کي موڪلي ڇڏيا آهن.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close