سنڌ جون خبروننڪور خبرون

گم ماڻهن جي بازيابي لاءِ قدم کڻڻ جو حڪم، پوليس ٻڌائي ته عدالت ڇا ڪري؟ سنڌهاءِڪورٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي مان گم ٿيل ماڻهن کي بازياب نه ڪرائڻ تان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ  اثرائتا قدم کڻڻ جو حڪم ڏنو آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي مان گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.ٻڌڻي دوران گم ٿيل ماڻهن جا وارث عدالت ۾ پيش ٿي پنهنجي پيارن جي بازيابي لاءِ روئندا رهيا.جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي گم ٿيل ماڻهن جي وارثن کي چيو ته جي آءِ ٽي جوڙڻ باوجود به توهان جا ماڻهو بازياب نه ٿيا آهن ٻڌايو ته عدالت ڇا ڪري.عدالت پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي عملدارن کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته ،جڏهن گم ٿيلن جا وارث عدالت مان مايوس ٿي واپس ويندا آهن ته کيس تمام گهڻي تڪليف ٿيندي آهي، توهان ٻڌايو ته انهن کي عدالت ڪهڙو جواب ڏئي؟ عدالت پوليس کي هڪ مهيني اندر گم ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close