پاڪستاننڪور خبرون

اڳوڻو وزيراعظم 109 ڀيرا پيشي تي حاضر ٿيو پر سندس خلاف ڪوبه ثبوت نه مليو: شهباز شريف

لنڊن (مانيٽرنگ) مسلم ليگ ن جو صدر شهباز شريف پنهنجي ڀاڄائي ڪلثوم نواز جو مڙھھ ڏيھھ آڻڻ لاءِ لنڊن پهچي ويو آهي، سندس چوڻ آهي ته ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي تي نواز شريف صدمي ۾ ورتل آهي، اڳوڻو وزيراعظم 109 ڀيرا پيشي تي حاضر ٿيو پر سندس خلاف ڪوبه ثبوت نه مليو. مسلم ليگ ن جو صدر شهباز شريف پنهنجي ڀاڄائي ڪلثوم نواز جو مڙھھ وصول ڪرڻ لاءِ لنڊن پهچي ويو. شهباز شريف ايون فيلڊ اپارٽمينٽ پهچي حسن ۽ حسين نواز سان تعزيت ڪئي. ڪلثوم نواز جي جنازي نماز اڄ ٽيپهري نماز کانپوءِ لنڊن جي ريجنٽ پارڪ مسجد ۾ ادا ڪئي ويندي، جنهن بعد مڙھھ پاڪستان آندو ويندو. ايون فيلڊ اپارٽمينٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف جو چوڻ هو ته ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي تي نواز شريف صدمي ۾ ورتل آهي جڏهن ته مريم نواز به تمام ڏکايل آهي. سندس چوڻ هو ته الله تعاليٰ آڏو سڀني کي پيش ٿيڻو آهي، قوم ڪلثوم نواز جي مغفرت لاءِ دعا ڪري. هن چيو ته نواز شريف جي پيرول تي آزادي جي درخواست تي صحيح هـُن ڪئي. مسلم ليگ ن جي صدر جو چوڻ هو ته  نواز شريف 109 ڀيرا عدالت ۾ پيش ٿيو، پر سندس خلاف ڪوبه ثبوت نه مليو

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close