سنڌ جون خبروننڪور خبرون

سنڌ جي وڏي وزير سان ڪور ڪمانڊر شاهد بيگ جي الوداعي ملاقات

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سان ڪور ڪمانڊر شاهد بيگ الوداعي ملاقات ڪئي، مراد علي شاهه ڪراچي ۾ امن امان بابت ڪور ڪمانڊر جي خدمتن جي واکاڻ ڪئي. ڪراچي جي اڳوڻي ڪور ڪمانڊر ڪراچي جي اڳوڻي شاهد بيگ سي ايم هائوس ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان الوداعي  ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ڪراچي ۾ امن امان سوڌو ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۾ امن امان ۽ ڏوهارين خلاف آپريشن ۾ ڪور ڪمانڊر جي خدمتن جي واکاڻ ڪندي چيو ته مرزا شاهد بيگ جون ڪراچي ۾ امن امان لاءِ ڪيل خمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو..

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close