پاڪستاننڪور خبرون

سي پيڪ رٿائن تي نظرثاني جو تاثر رد، ڀارت سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون: پاڪستان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل ، سي پيڪ رٿائن تي نظرثاني جو تاثر رد ڪندي چيو آهي ته پاڪستان انهن معاهدن تي ڪا نظرثاني نه ڪري  رهيو آهي، پاڪستان ڀارت سان ڳالهين لاءِ تيار آهي ، پر ڀارت ۽ آمريڪا پاران لڳايل الزام درست ناهن. ڪجهه ڏينهن اڳ برطانوي اخبار پنهنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته پاڪستان چين سان سي پيڪ جي رٿائن تي نظرثاني تي غور ڪري رهيو آهي جنهن کانپوءِ وزيراعظم جي واپاري صلاحڪار برطانوي اخبار جي رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو هو. اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو ته سي پيڪ بابت چين سان نئين سر معاهدن جي تجديد کي مڪمل طور تي رد ڪري چڪا آهن جڏهن ته سي پيڪ معاهدن تي نظرثاني جو تاثر به رد ڪن ٿا پاڪستان انهن معاهدن تي ڪا نظرثاني نه ڪري رهيو آهي. پرڏيهي ترجمان ڀارت ۽ آمريڪا گڏيل پڌرنامي ۾ پاڪستان تي لڳايل الزامن کي به رد ڪري ڇڏيو. ڊاڪٽر فيصل چيو ته پاڪستان ڀارت سان ڳالهين لاءِ تيار آهي، سمورن معاملن جو حل ڳالهين سان ئي چاهي ٿو. ڊاڪٽر فيصل ، آمريڪي پرڏيهي وزير جي دوري بابت ٻڌايو ته مائيڪ پومپيو جي دوري ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي ۽ مختلف موضوعن تي ڳالهين جو تسلسل ئي اڳتي وڌائڻ جو رستو آهي. افغانستان بابت پرڏيهي ترجمان جو چوڻ هو ته افغان مسئلي جو حل اتان جي ماڻهن هٿان ڳولڻ جي حمايت ڪن ٿا، پرڏيهي وزير جو پهريون پرڏيهي دورو افغانستان جو آهي، هو ٻئي ڏينهن افغانستان ويندو جتي افغان پاڪ ايڪشن پلان تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. ڊاڪٽر فيصل ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان سعودي عرب جو دورو ڪندو پر تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته ويزا جي سختي رڳو پاڪستان نه پر ٻين ملڪن سان ڪئي وئي آهي پرڏيهي وزير جي سطح تي ان معاملي تي رابطي ۾ آهيون جڏهن ته بحرين جي اختيارين سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي. ايف اَي ٽي ايف بابت ڊاڪٽر فيصل جو چوڻ هو ته فنانشل ايڪشن ٽاڪس فورس جي حوالي سان ڪافي ڪم ٿي رهيو آهي

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close