پاڪستاننڪور خبرون

نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ محمد صفدر جي پيرول تي آزادي ۾ 4 ڏينهن واڌ

لاهور (م ڊ) پنجاب حڪومت پاران اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، سندس ڌيءَ مريم نواز ۽ ناٺي ڪيپٽن رٽائرڊ محمد صفدر جي پيرول تي آزادي ۾ 4 ڏينهن واڌ ڪئي وئي آهي. بيگم ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي کانپوءِ نواز شريف، مريم نواز ۽ محمد صفدر جي حڪومت 12 ڪلاڪن لاءِ پيرول تي آزاد ڪيو پر پنجاب حڪومت خميس جي صبح 12هين وڳي کان آچر جي رات 12هين وڳي تائين پيرول تي آزادي ۾ واڌ ڪري ڇڏي. شريف خاندان طرفان 5 ڏينهن لاءِ آزادي جي درخواست ڪئي وئي هئي ان کان اڳ اطلاع هئا ته نواز شريف پيرول تي آزادي نه پيو چاهي ۽ مريم نواز به ان جي تائيد ڪئي هئي پر شهباز شريف ڀرپور اصرار  ڪيو ۽ پنهنجي طرفان پيرول جي درخواست ڏيندي ان تي صحيح به ڪئي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close