پاڪستاننڪور خبرون

هڪ سال ۾ ريلوي جو 42 ملين خسارو ختم ڪيو ويندو: شيخ رشيد

راولپنڊي (م ڊ)ريلوي واري وزير شيخ رشيد 30 ڊسمبر تائين ريلوي کي بهترين بڻائڻ جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته هڪ سال ۾ ريلوي جو 42 ملين خسارو ختم ڪيو ويندو. راولپنڊي ريلوي اسٽيشن جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد جو چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان کين ريلوي جو ٽاسڪ ڏنو آهي ان کي پورو ڪيو ويندو ۽ هو واعدو ٿو ڪري ته ويس بدلائي گاڏين کي چيڪ ڪندو. شيخ رشيد چيو ته ريلوي ۾ واءِ فاءِ هوندو، 24 ڪلاڪ پکا ۽ لائٽس هونديون، ناڻو خالي آهي پر دستياب وسيلن مان ئي ڪم ڪيو ويندو ۽ ڪوشش ڪئي ويندي ته ڀاڙا وڌائڻ بدران سستي ٽرين هلائجي. ريلوي واري وزير جو چوڻ هو ته هڪ سال ۾ ريلوي جو 42 ملين جو خسارو ختم ڪيو ويندو ۽ 30 ڊسمبر تائين ريلوي کي بهترين بڻائيندي ڪوئٽا کان تفتان تائين گيج بڻايو ويندو. شيخ رشيد چيو ته هڪ ٻه مڇيون سڄي تلاءَ کي خراب ڪنديون آهن پر ڪرپشن خلاف زيرو ٽاليرنس آهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close