سنڌ جون خبروننڪور خبرون

گم ٻارڙن جي بازيابي لاءِ ٻڌڻي، آءِ جي سنڌ طلب، رپورٽ پيش ڪئي وڃي: هائيڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ 23 گم ٿيل ٻارن مان رڳو هڪ ٻار جي بازيابيءَ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي آءِ جي سنڌ کي ايندڙ ٻڌڻي تي گهرائي ورتو، عدالت ٻارن کي بازياب ڪرائي ٽن هفتن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏنو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 23 گم ٿيل ٻارن جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي جنهن دوران عدالت ٻارن جي بازيابيءَ ۾ پوليس جي ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي آءِ جي سنڌ کي گهرائي ورتو ۽ رمارڪس ڏنا ته گم ٿيل ٻار بازياب نه ٿيڻ تي سخت ڳڻتي آهي. ان موقعي تي سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته ٻارن جي گمشدگي بابت 22 ايف آءِ آرز داخل ٿيل آهن جڏهن ته ڊي آءِ جي ڪرائيم برانچ عدالت کي ٻڌايو ته آءِ جي سنڌ جي حڪم تي ٽيم جوڙي هئي جنهن هڪ ٻارڙيءَ کي بازياب ڪرايو آهي. ڊي آءِ جي جي بيان تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي 23 مان رڳو هڪ ٻار کي بازياب ڪرايو ويو آهي، پوليس جي جاچ تمام گهڻي سست آهي، پوليس اختياريون گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي کي يقيني بڻائين. عدالت آءِ جي سنڌ جي جوڙيل ٽيم تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي ڊي آءِ جي جي سربراهي ۾ نئين ٽيم جوڙڻ جو حڪم ڏنو. عدالت اَي وي سي سي جي ڪارڪردگي تي به بي اعتمادي جو اظهار ڪيو ۽ ٻارن جي بازيابي تائين ڊي آءِ جي کي هر ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي. عدالت حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻي تي آءِ جي سنڌ ڪليم امام پاڻ پيش ٿي وضاحت پيش ڪري. سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻارن جي بازيابي لاءِ پوليس کي سموريون جديد ٽيڪنيڪس استعمال ڪرڻ ۽ ٻارن کي بازياب ڪرائي ٽن هفتن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏنو

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close