سنڌ جون خبروننڪور خبرون

گم ٿيل ماڻهو ۽ ٻار اهم چيلينج آهي، سنڌ پوليس تي ڪو به دٻاءُ ناهي: آءِ جي سنڌ ڪليم امام

ڪراچي (رپورٽر) آءِ جي سنڌ پوليس ڪليم امام چيو آهي ته ڪراچي جي حفاظت سندن ذميواري آهي، شهر ۾ لينڊ مافيا خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي گم ٿيل ماڻهو ۽ ٻار اهم چيلينج آهي، سنڌ پوليس تي ڪو به دٻاءُ ناهي،  ٿاڻا ڪلچر بند ڪري ايس ايڇ اوز جون مقرريون ميرٽ تي ڪيون وينديون. نئين آءِ جي سنڌ ڪليم امام ڪراچي ۾ قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀري جڏهن ته کيس پوليس بينڊ سلامي ڏني. ان موقعي تي آءِ جي ڪليم امام مهمانن واري ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات به لکيا. ان موقعي تي ميڊي سان ڳالهائيندي ڪليم امام چيو ته هو يقين ڏياري ٿو ته ايمانداري سان ڪم ڪندو، جيڪي سٺا ڪم ٿيا آهن انهن ۾ وڌيڪ بهتري آڻبي. هن چيو ته ڪراچي ۾ گهڻا مونجهارا آهن هنن جي ڪوتاهين جي نشاندهي ڪئي وڃي. ڪليم امام چيو ته ڪراچي جي حفاظت سندن ذميواري آهي، گم ٿيل ماڻهو ۽ ٻار اهم ڇيلينج آهي. آءِ جي سنڌ چيو ته وڏي وزير مراد علي شاهه نتيجا ڏيڻ جو ڇيو آهي، اَي ڊي خواجا سٺو ماڻهو آهي هن بهتر ڪم ڪيو. سندس چوڻ هو ته سنڌ پوليس تي ڪو به دٻاءُ ناهي جيڪي پوليس وارا ڏوهن ۾ ملوث هوندا انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، پوليس جي ڪارڪردگي ۽ عوام سان رويو تمام وڏو چيلينج آهي، هر ڏوهه جي ٿاڻي ۾ ايف آءِ آر داخل ٿيندي. ڪليم امام وڌيڪ چيو ته پوليس آرڊر 2002 زبردست قانون آهي ان تي عمل جي ضرورت آهي، ٿاڻا ڪلچر بند ڪري ايس ايڇ اوز جون مقرريون ميرٽ تي ڪيون وينديون. آءِ جي سنڌ چيو ته ڪراچي کي ڪافي پهريان محفوظ شهر ۾ شامل ٿيڻ گهرجي ها، ڪراچي ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي ڪوريج ۽ ريپڊ ريسپانس يونٽ ضروري آهن.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close