پاڪستاننڪور خبرون

آبياني جي في ايڪڙ رقم 1500 ڪئي وڃي ته هر سال 67 ارب اوڳاڙيا ويندا: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورورپورٽ) سپريم ڪورٽ آبيانه جي رقم مقرر ڪرڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته آبياني جي في ايڪڙ رقم 1500 ڪئي وڃي ته هر سال 67 ارب اوڳاڙيا ويندا. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ بئنچ آبياني جي رقم مقرر ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس اعجاز الحسن چيو ته پاڻي جي قيمت مقرر ڪرڻ جو طريقيڪار ڇا آهي؟ چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته پاڻي جي معاملي تي ڪميٽي ٺاهي رهيا آهيون، ڪميٽيءَ ۾ مخدوم علي خان، سلمان اسلم بٽ شامل هوندا. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته 2 ارب رپيه بقايا کان گهٽ اوڳاڙيون ٿيون آهن. عدالت چيو ته آبياني جي في ايڪڙ 1500 رپيه ڪئي وڃي ته 67 ارب اوڳاڙيا ويندا. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اسان جو نهري نظام سٺو ناهي، پاڻي ضايع ٿي رهيو آهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close