پاڪستاننڪور خبرون

ترڪي ۽ پاڪستان جو تعلق حڪومتن تائين محدود ناهي: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (بيورورپورٽ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ترڪي ۽ پاڪستان جو تعلق حڪومتن تائين محدود ناهي، ٻنهي ملڪن ۾ مضبوط ثقافتي ۽ عوامي تعلق آهي. پرڏيهي آفيس ۾ ترڪ هم منصب چاوڙ اولو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته ترقي هميشه ڏکي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، اڄوڪي ڳالهين ۾ مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. هن چيو ته ڳالهين دوران پاڪستان ۽ ترقي وچ ۾ تازو ئي طئي ڪيل دفاعي سهڪار تي ڳالهيون ڪيون ويون جڏهن ته اقتصادي ڀائيواري وڌائڻ، ٻطرفي واپار جي معيار کي وڌائڻ ۽ هڪ ٻئي کي سهولتون ڏيڻ تي به ڳالهيون ٿيون آهن. ترڪ پرڏيهي وزير ميولوت چاوش اولو چيو ته نئين حڪومت قائم ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا، حڪومت تبديل ٿيندي رهندي آهي، نوان ماڻهو ايندا رهندا آهن پر حقيقي دوستي عوام سان آهي، اهڙي دوستي کي قائم رکڻ لاءِ اسان ڪوششون ڪندا رهنداسين. ترڪ پرڏيهي وزير چيو ته اڄوڪين ڳالهين ۾ شاهه محمود قريشي سان بي شمار معاملن تي ڳالهيون ٿيون آهن، بحث هيٺ ايندڙ ڳالهيون ڪاميابي جو سبب ٿينديون.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close