پاڪستاننڪور خبرون

حڪمرانن غريبن جي پئسن تي عياشي ڪري انگريزن جي روايت برقرار رکي، ملڪ ۾ احتساب ضروري آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورورپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ هلائڻ لاءِ پئسو ناهي، انگريزن جي دور واري سوچ تبديل ڪرڻي پوندي. وزيراعظم هائوس ۾ سول سرونٽس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان تي 30 هزار ارب رپين جو قرض آهي. هن چيو ته قرضن تي روزاني 6 ارب رپيه وياج ڏنو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته ڪو به ڪم ڪرڻ لاءِ انسان کي پاڻ تبديل ڪرڻو پوندو آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته ملڪ آزاد ٿيڻ کانپوءِ وٺي حڪمرانن جو مائينڊ سيٽ تبديل نه ٿيو آهي،  حڪمرانن غريبن جي پئسن تي عياشي ڪري انگريزن جي روايت برقرار رهي. هن چيو ته ملڪ ۾ احتساب ضروري آهي، جيڪو پاڻ کي تبديل نه ٿو ڪري الله سندس حالت تبديل نه ڪندو آهي. سندس چوڻ هو ته قوم ۽ حڪومت هڪ هجن ته فوج 6 لک بدران 20 ڪروڙ ٿي ويندي آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته سرڪاري آفيسر جيستائين پاليسي تي عملدرآمد نه ڪرائيندا اسان ڪامياب نه ٿي سگهنداسين. هن چيو ته ٽئين دنيا جي ملڪ تنهن ڪري غريب آهن جو اتي ڪرپشن آهي. سندس چوڻ هو ته ڪابه شيءَ دنيا ۾ ناممڪن ناهي، پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻارڙا گندو پاڻي واپرائڻ سبب فوت ٿي رهيا آهن. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪامورا شاهي جي شڪايتن تي نيب چيئرمين جاويد اقبال سان ڳالهايو. هن چيو ته بيورو ڪريسي کي سياسي دٻاءَ کان بچايو ويندو، سرڪاري ملازمن جي ڀرپور مدد ڪئي ويندي.  سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن پاڻ کي تبديل نه ڪيو ته اڳتي تباهي ايندي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close