سنڌ جون خبروننڪور خبرون

سنڌ سرڪار پاران ڪرپشن ۽ غير قانوني ڀرتين جي الزام ۾ 18 پوليس آفيسرن خلاف ڪارروائي جي سفارش

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ سرڪار ڪرپشن ۽ غير قانوني ڀرتين جي الزام ۾ 18 پوليس جي اعليٰ آفيسرن خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي آهي. سنڌ سرڪار جي سروسز کاتي پاران پي ايس پي جي 18 آفيسرن خلاف ڪارروائي لاءِ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي خط لکيو ويو آهي جنهن ۾ آفيسرن خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي آهي. خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي انڪوائري ڪميٽي 18 آفيسرن کي غير قانوني ڀرتين ۾ ملوث قرار ڏنو، اهڙن آفيسرن تي غير قانوني ڀرتين مان ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جا الزام آهن، جڏهن ته ڀرتيون سکر، لاڙڪاڻي ۽ بينظير آباد ۾ ڪيون ويون آهن. خط موجب آفيسرن ۾ سائين رکيو ميراڻي، خادم حسين رند، جاويد عالم اوڍو، شرجيل کرل، عبدالله شيخ، جاويد جسڪاڻي، اعتزاز گورايا، پير محمد شاهه، پرويز چانڊيو، عثمان غني ۽ ناصر آفتاب شامل آهن. عمر فاروق سلامت، خالد ڪورائي، ظفر اقبال، فدا حسين شاهه، الطاف حسين لغاري، جنيد شيخ ۽ امداد علي شاهه خلاف به ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي آهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close