پاڪستاننڪور خبرون

مل مالڪن کي عدالت جي طاقت جو اندازو ناهي، شهرين جي زندگين سان کيڏين پيا: چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورورپورٽ) چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته  مل مالڪن کي عدالت جي طاقت جو اندازو ناهي، اهي سڌ سنئون شهرين جي زندگين سان کيڏي رهيا آهن، اسان سندن 50، 50 لک رپين جي زر ضمانت ضبط ڪري ڇڏينداسين ۽ سڪيورٽي جمع نه ڪرائيندڙن کان 8 سيڪڙو مارڪ اپ وٺنداسين، اها سموري رقم ڊيم فنڊ ۾ وڃڻي آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ اسلام آباد ۾ صنعتي ۽ ماحولياتي آلودگي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ڊائريڪٽر ايڇ آر سيل سپريم ڪورٽ، ڊي جي ماحوليات کي صنعتي يونٽس جي معائني جو حڪم ڏئي ڇڏي آهي ۽ حڪم ڏنو آهي ته اسلام آباد جي صنعتي يونٽن جي معائني جي پنج ڏينهن ۾ رپورٽ ڏني وڃي. سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته ڪيترا صنعتي يونٽ فعال آهن، ٻڌايو وڃي ته ڪهڙن صنعتي يونٽس آلودگي روڪڻ لاءِ اپاءَ نه ورتا آهن، ڊي جي ماحولياتي تحفظ عدالت کي ٻڌايو ته نه صنعتن قدم کنيا ۽ نه وري معائني جي اجازت ڏني وڃي ٿي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ملز مالڪن کي طاقت جو اندازو ئي ناهي، اهي ماڻهو سڌ سنئون شهرين جي زندگين سان کيڏي رهيا آهن، اسان سندن 50، 50 لک رپين جي زر ضمانت ضبط ڪري ڇڏينداسين، سڪيورٽي جمع نه ڪرائيندڙن کان 8 سيڪڙو مارڪ اپ وٺنداسين، سموري رقم ڊيم فنڊ ۾ وڃڻي آهي، عدالت صنعتي ۽ ماحولياتي آلودگي بابت ڪيس جي ٻڌڻي 24 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close