سنڌ جون خبروننڪور خبرون

جمهوريت مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان جي ضمانت آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جمهوريت ئي مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان جي ضمانت آهي، پاڪستاني عوام سدائين جمهوريت جو ساٿ ڏنو آهي ان جي لاءِ عظيم جدوجهد ۽ قربانيون ڏنيون آهن. جمهوريت جي عالمي ڏهاڙي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي نياپي ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ عوام لاءِ چيلينجز ۽ ڏکيائيون ختم نه ٿيون، هڪ مضبوط جمهوري نظام ۽ انصاف تي ٻڌل معاشري لاءِ ڊگهو سفر باقي آهي. سندس چوڻ هو ته آڱرين تي ڳڻجندڙ عوام دشمن قوتون دنيا ۾ امن ۽ ترقي نه ٿيون چاهين، ڇو ته اهو انهن لاءِ موت آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ شهيد ڀٽو جي نظرئي ۽ شهيد بي بي جي منشور جي روشني ۾ پاڪستان کي وفاقي جمهوري مسلم رول ماڊل رياست بڻائڻ لاءِ سرگرم رهندي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close