پاڪستاننڪور خبرون

سپريم ڪورٽ طرفان ريلوي خسارو ڪيس ۾ سعد رفيق کي جواب داخل ڪرڻ لاءِ هڪ مهيني جي مهلت

لاهور (مانيٽرنگ) سپريم ڪورٽ ريلوي خسارو ڪيس ۾ اڳوڻي وزير خواجا سعد رفيق کي جواب داخل ڪرڻ لاءِ هڪ مهيني جي مهلت ڏئي ڇڏي. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي بئنچ ريلوي بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران خواجا سعد رفيق سان سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. چيف جسٽس سوال ڪيو ته خواجا صاحب اوهان آڊٽ رپورٽ ڏٺي آهي؟ جنهن تي اڳوڻي وزير جواب ڏنو ته هن ريلوي کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو، هو هتي پنهنجي بي عزتي ڪرائڻ ناهي آيو. چيف جسٽس چيو ته اوهان جي ڪير به بي عزتي نه پيو ڪري، اڄ ته اوهان گهران ڪاوڙ ۾ آيا آهيو. خواجا سعد رفيق چيو ته هو ڪاوڙ ۾ ناهي آيو، ججن جو ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ آهي ته هو ڪنهنجي بي عزتي نه ٿا ڪري سگهن. ان موقعي تي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان پنهنجو غرور گهر ڇڏي ايندا ڪريو، جيڪو سوال ڪيو ٿو وڃي، ان جو جواب ڏيو. خواجا سعد رفيق چيو ته سندس چونڊون آهن، هڪ هزار صفحن جي رپورٽ آهي، کيس مهيني جي مهلت ڏني وڃي، هو ڪو اڪائونٽس آفيسر نه آهي، جو هزار صفحن جي آڊٽ رپورٽ تي جواب جمع ڪرائي. چيف جسٽس چيو ته اوهان وڪيل ڪريو ۽ ڪنهن صلاحڪار سان مشورو ڪري جواب ڏيو. سعد رفيق چيو ته کيس ٻڌايو وڃي ته سندس بابت رپورٽ ۾ ڇا لکيو ويو آهي ته هن بدعنواني ڪئي؟ ساڻس ناانصافي ٿي رهي آهي. چيف جسٽس ليگي اڳواڻ جي جواب تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان پنهنجو رويو درست ڪريو، ڪاوڙ ڪهڙي ڳالهه جي آهي؟ هتي جيڪو سوال ڪيو پيو وڃي، رڳو ان جو جواب ڏيو، اوهان گهران سوچي آيا هئا ته عدالت جي بي حرمتي ڪرڻي آهي. ان موقعي تي خواجا سعد رفيق چيو ته الله شاهد آهي ته هو عدليا جي توهين جو سوچي به نه ٿو سگهي. سپريم ڪورٽ خواجا سعد رفيق جي درخواست تي کيس جواب داخل ڪرڻ لاءِ هڪ مهيني جي مهلت ڏئي ڇڏي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close