پاڪستاننڪور خبرون

ڊيم مخالفن خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي جو اعلان، ڪنهن کي ڌاڙو هڻڻ نه ڏبو: سپريم ڪورٽ

لاهور (مانيٽرنگ) جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار چيو آهي ته جنهن ڊيم روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ان خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ڪئي ويندي، پاڻي هاڻي سون کان به مهانگو ٿي ويو آهي ان تي ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ هڻڻ نه ڏنو ويندو. چيف جسٽس گذريل ڏينهن ڪٽاس راج مندر ڪيس جي ٻڌڻي دوران منرل واٽر ڪمپنين طرفان زمين اندران پاڻي جي استعمال واري معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو جنهن جي اڄ ٻڌڻي ڪئي.سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ زمين مان پاڻي ڪڍي منرل واٽر ٺاهيندڙ ڪمپنين بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي جي سلسلي ۾ وفاقي حڪومت جو وڪيل ۽ ايم ڊي واسا سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيا.ٻڌڻي دوران وفاقي حڪومت جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪمپنيون حڪومت کي 25 پئسا في ليٽر ادا ڪري 50 رپيا في ليٽر وڪرو ڪري رهيون آهن جڏهن ته ايم ڊي واسا ٻڌايو ته 2018 کان اڳ پاڻي وڪرو ڪندڙ ڪمپنيون زمين مان مفت پاڻي ڪڍي رهيون آهن.جنهن تي چيف جسٽس چيو ته پاڻي وڪرو ڪندڙ ڪمپنيون حڪومت سان گڏجي پاڻي ڪڍڻ جو ريٽ طئي ڪن.جسٽس ثاقب نثار وڌيڪ چيو ته ڏسڻو پوندو ته منرل واٽر ۾ منرلز آهن به يا نه، هــُو گهر ۾ پاڻ نلڪي جو پاڻي اُٻاري پيئندو آهي ڇو ته سندس قوم اهو پاڻي پي رهي آهي غريب ماڻهو اڄ به گندو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهي.چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته پاڻي هاڻي سون کان به مهانگو ٿي ويو آهي، ان تي ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ هڻڻ نه ڏنو ويندو.جسٽس ثاقب نثار چيو ته هــُو هڪ ڳالهه ٻڌائي ڇڏي، هن آرٽيڪل 6 جو مطالعو شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن ڊيم روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ان خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارورائي ڪندو.عدالت منرل واٽر سمورين وڏين ڪمپنين جي سي اِي اوز کي سڀاڻي صبح يارهين وڳي گهرائي ورتو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close