
انٽرنيشنل
اسرائيل پاران دمشق جي عالمي هوائي اڏي تي ميزائل حملو
دمشق جي هوائي اڏي تي اسرائيل ميزائل حملي ۾ هٿيارن جي هڪ گودام کي تباهه ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب شامي فوجي ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ت فضائيه اسرائيل طرف هنيل ڪيترن ئي ميزائل هدف تائين پهچڻ کان اڳ ئي تباهه ڪري ڇڏيا.ان ڪارروائي ۾ ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو جڏهن ته بمباري سبب هوائي اڏي ۾ باهه جا شعلا ڀڙڪندي ڏسي سگهجن پيا، دمشق جي عالمي هوائي اڏي تي زوردار ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا. هڪ اکين ڏٺي شاهد ٻڌايو ته ميزائل حملن ۽ جوابي ڪارروائي جي دوران فضا روشن ٿي وئي هئي، شام ۾ انساني حقن جي آبزرور رامي عبدالرحمان ٻڌايو ته اڻڄاتل هوائي حملي ۾ دمشق جي عالمي هوائي اڏي ويجهو هڪ هٿيارن جي گودام کي نشانو بڻايو ويو. ٻئي طرف اسرائيلي فوج جي ترجمان دمشق ۾ هوائي حملن بابت اطلاعن تي ڪوبه تبصرو نه ڪيو.