پاڪستاننڪور خبرون

اقتصادي رابطا ڪميٽي گيس جي قيمتن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي واري وزير اسد عمر جي سربراهي ۾ اقتصادي رابطا ڪميٽي گيس جي قيمتن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. رپورٽ موجب ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر جي سربراهي ۾ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. جنهن ۾ وزيراعظم جي هدايتن جي روشني ۾ گيس جي قيمتن ۾ واڌ بابت نظرثاني ٿيل سمري تي غور ڪيو ويو. سمري ۾ گيس قيمتن جي سليب ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، ايل پي جي گهرائڻ تي ٽيڪس گهٽ ڪري 10 سيڪڙو ڪيو ويو جنهن سان ايل پي جي جي قيمت گهٽ ٿيندي. گيس جي نئين قيمتن تي عمل پهرئين جولاءِ کان ڪيو ويندو، اقتصادي رابطا ڪميٽي گيس جي قيمتن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اجلاس ۾ ناڻي واري وزير اسد عمر چيو ته گيس جي غريب واهپيدارن تي گهٽ ۾ گهٽ وزن وڌو ويو آهي جڏهن ته امير ترين طبقي جي لاءِ گيس قيمتن ۾ وڌيڪ واڌ ڪئي وئي آهي

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close