سنڌ جون خبروننڪور خبرون

سنڌ جي 9 مهينن لاءِ 11 کرب رپين کان وڌيڪ جون بجيٽ تجويزون پيش، مخالف ڌر جو احتجاج

ڪراچي (رپورٽ: ظهور سروهي) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه 9 مهينن لاءِ 11 کرب رپين کان وڌيڪ جون بجيٽ تجويزون پيش ڪري ڇڏيون، جڏهن ته مخالف ڌر پاران پوسٽر کڻي احتجاج ڪيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه بجيٽ تجويز پيش ڪندي چيو ته اسان وٽ مئنڊيٽ هو ته سڄي مالي سال جي بجيٽ پيش ڪريون ٿا، نگران حڪومت ٽن مهينن جي بجيٽ پيش ڪئي. هن چيو ته صوبائي ترقياتي بجيٽ ۾ گهٽتائي ڪئي آهي، مالياتي مسئلن سبب بجيٽ ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته هر اسيمبلي ميمبر کي بجيٽ تجويزون فراهم ڪيون ويون آهن. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته گذريل سال 598 ارب 90 ڪروڙ رپين جي ٽيڪس جمع ٿي، نين اسڪيمن لاءِ  50 ارب کان گهٽ ڪري 26 ارب رپيه رکيا ويا آهن. مراد علي شاهه چيو ته انفراسٽرڪچر، صحت ۽ توانائي سيڪٽر ۾ بهتري جا هدف آهن،  تعليم، صحت، اربن ٽرانسپورٽ جا منصوبا مڪمل ڪنداسين، سنڌ سرڪار 100 ارب رپين کان وڌيڪ جي سيلز ٽيڪس جمع ڪئي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close