پاڪستاننڪور خبرون

عمران خان کي بنگالين ۽ افغانين جو فڪر آهي ته بني گالا جا درواز کولي: سعيد غني

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي مڪاني اداري  واري وزير سعيد غنيءَ غير قانوني پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ واري وزيراعظم جي بيان جي مذمت ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن عمران خان کي بنگالين ۽ افغانين جو فڪر آهي ته هنن لاءِ بني گالا جا درواز کولي، عمران خان ڪراچي جي صفائي لاءِ پريشان نه  ٿئي، پهريان پشاور ۾ صفائي  ڪرائي. سنڌ جي مڪاني کاتي واري وزير سعيد غنيءَ عمران خان تقرير جي سخت  لفظن  ۾ مذمت ڪئي. سندس چوڻ هو ته  هـُو پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ واري وزيراعظم جي بيان جي مذمت ڪري ٿو. سندس چوڻ هو ته   عمران خان کي بنگالين جو ڏک آهي ته بني گالا جو دروازو کولي ڇڏي. هن چيو ته عمران خان کي اڄ ڪراچي ۾ ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪرڻ گهرجي ها. سعيد غني وڌيڪ چيو ته وزيراعظم ڪراچي جي ڪچري لاءِ پريشان نه ٿئي، پهرين پشاور جي صفائي ڪرائي، چيف جسٽس ڪراچي ۾ صفائي تي اعتماد جو اظهار ڪيو هو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close