پاڪستاننڪور خبرون

نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر کي ٻيهر جيل منتقل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ميان نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر کي ٻيهر جيل موڪليو ويو آهي. بيگم ڪلثوم نواز جي آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ ميان نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر کي پيرول تي آزاد ڪيو ويو هو. ٽنهي اڳواڻن جي پيرول واري آزادي جو وقت 4 وڳي ختم ٿي ويو، جنهن کانپوءِ کين اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو. راولپنڊي روانگي کان شريف ڪٽنب جي ماڻهن بيگم ڪلثوم نواز جي قبر تي حاضري ڀري دعا گهري، ميان نواز شريف پنهنجي امڙ سان به ملاقات ڪئي، جنهن کانپوءِ اهي هوائي اڏي تي پهتا، جتان کين خاص جهاز ذريعي جيل روانو ڪيو ويو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close