پاڪستاننڪور خبرون

پاڪستاني ۽ برطانيا حڪومتن وچ ۾ انصاف ۽ احتساب بابت ٺاهه

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ برطانيا وچ ۾ انصاف ۽ احتساب جو ٺاهه ٿي ويو آهي، ٺاهه تحت جوابدارن جي حوالگي ۽ پاڪستاني اثاثن جي اوڳاڙي لاءِ ٻيهر ڪم ڪيو ويندو. وزيراعظم عمران خان سان برطانوي گهرو وزير ساجد جاويد سان ملاقات کانپوءِ قانون واري وزير فروغ نسيم، ممڪلتي گهرو وزير شهريار آفريدي، احتساب بابت قومي صلاحڪار شهزاد اڪبر ۽ برطانوي گهرو وزير گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. برطانوي گهرو وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان ۽ ٻين وزيرن سان سندس ملاقاتون ٿيون آهن، برطانوي پاڪستان جو سڀ کان وڏو ايڪسپورٽ مارڪيٽ آهي، 2 سيڪڙو برطانوي شهرين جون پاڙون پاڪستان ۾ آهن. هن چيو ته تعليمي ادارن ۽ دفاعي رٿائن ۾ پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪئي ويندي. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان سان پاڪستان جي بهتري لاءِ ڳالهيون ٿيون آهن، دهشتگردي ۽ مجرماڻي سرگرمين سان ٻنهي ملڪن کي خطرو آهي. ساجد جاويد چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج دهشتگردي خلاف ڪارروائي ڏيکاري آهي، مني لانڊرنگ سبب ٽيڪس جي اوڳاڙي ۾ گهٽتائي ٿي آهي، مني لانڊرنگ سبب سڌو پاڪستاني معيشت کي نقصان پهتو آهي. هن چيو ته پاڪستان سان لاڳاپن جي نئين باب لاءِ آيو آهيان، قيدين جي مٽاسٽا بابت پروگرام شروع ڪري رهيا آهيون، برطانيا نهايت ويجهو ۽ اعتماد جوڳو دوست آهي. سندس چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، پاڪستاني شين جي برطانوي مارڪيٽ تائين پهچ سولي بڻائي ويندي، وزيراعظم عمران خان سان مني لانڊرنگ خلاف ڳالهيون ٿيون آهن، مني لانڊرنگ جي خاتمي لاءِ پاڪستان ۽ برطانيا گڏجي ڪم ڪندا. ساجد جاويد چيو ته انصاف ۽ احتساب جي گڏيل معاهدي تي صحيح ڪئي وئي آهي، پاڪستاني اثاثن جي اوڳاڙي لاءِ به اتفاق ٿي ويو آهي، جوابدارن جي حوالگي بابت ڪابينا جي منظوري کانپوءِ ڪم شروع ڪيو ويندو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close