پاڪستاننڪور خبرون

ڪرپشن تي قابو ڪرڻ لاءِ احتساب جي ادارن کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي :صدر عارف علوي

اسلام آباد (رپورٽر) پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي پنهنجي پهرئين خطاب ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي جو چوڻ هو ته ڪرپشن تي قابو ڪرڻ لاءِ اسان کي احتساب جي ادارن کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي باقاعدا شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ٿي جنهن کانپوءِ نعت رسول مقبول صه پيش ڪئي وئي ۽ پوءِ بيگم ڪلثوم نواز جي ايثال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ وزيراعظم آزاد ڪشمير، چئن ئي صوبن جي وڏن وزيرن، ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف آرمي اسٽاف ۽ پرڏيهي سفيرن سميت ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي. پيپلز پارٽي کانسواءِ سمورين اپوزيشن پارٽي اجلاس جي ڪارروائي شروع ٿيندي ئي پنهنجي سيٽن تي بيهي احتجاج ڪيو ۽ پارليامينٽ جي گڏيل سيشن مان واڪ آئوٽ ڪيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر طرفان اپوزيشن کي احتجاج کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جڏهن ته ان جي باوجود اپوزيشن پارٽين پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪيو. صدر عارف علوي جو چوڻ هو ته پارليامينٽ ميمبرن جو شڪرگذار آهيان جن مون کي ان عهدي جي لاءِ چونڊيو، اميد آهي  ته ساٿي ميمبر منهنجو ڀرپور ساٿ ڏيندا. هن جو چوڻ هو ته اسان جي مسئلن جو سڀ کان وڏو سبب گروهي مفاد ۽ بي انتها ڪرپشن آهي. هن چيو ته اسان جو سياسي نظام مختلف سببن جي ڪري استحڪام جي کوٽ جو شڪار رهيو آهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close