
پاڪستاننڪور خبرون
افغانين کي قومي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ رڳو ڪراچي ۾ جاري ڪرڻ افسوسناڪ آهي: اختر مينگل
ڪوئيٽا (م ڊ) بي اين پي مينگل جي سربراهه سردار اختر مينگل چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ڪراچيءَ ۾ تقرير مايوس ڪندڙ آهي، هڪ طرف افغانستان سان ڊيورنڊ لائين تي تار لڳائي پئي وڃي ته ٻئي طرف وري پاڪستان ۾ ترسيل افغانين کي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ ڏنا پيا وڃن. قومي اسيمبليءَ ۾ ڳالهائيندي اختر مينگل چيو ته جيڪڏهن افغانستانين کي شهريت ڏيڻ چاهيو ٿا ته افغانستان سان لڳندڙ ڊيورنڊ لائن ۽ تار کي ختم ڪيو. هن چيو ته افغانين کي قومي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ رڳو ڪراچي ۾ جاري ڪيا ويندا جيڪا حيرت جهڙي ڳالهه آهي. سندس چوڻ هو ته دنيا جي ڪهڙي ملڪ ۾ 2 کان 3 قانون هلندا آهن، اسان کي ته سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڪراچي لاءِ هڪ ۽ ٻين ملڪن لاءِ ٻيو قانون ڪيئن ٿو هلي سگهي. اختر مينگل چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي سميت ٻين حالتن جا ذميوار افغان آهن ته کين شهريت ڇو پئي ڏني وڃي، جيڪڏهن حڪومت ايئن ڪري ٿي ته 6 نقطن تي اتحاد جي ڪهڙي حيثيت رهجي وڃي ٿي، پوءِ اسان حڪومتي بئنچ تي ڇو ويهون، حڪومت ان حوالي سان وضاحت ڪري.