پاڪستاننڪور خبرون

سپريم ڪورٽ پاران فيس معاملي تي سمورن وڏين اسڪولن کي نوٽيس اماڻڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورورپوٽ) سپريم ڪورٽ خانگي اسڪولن طرفان فيسن ۾ واڌ واري معاملي تي سمورن وڏن اسڪولن کي نوٽيس جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ خانگي اسڪول بابت هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ التوا هيٺ ڪيسن کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته اعليٰ عدالت طرفان سمورن وڏن خانگي اسڪولن کي نوٽيس پڻ جاري ڪرڻ جو حڪم سامهون آيو آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان جو چوڻ آهي ته وڏن اسڪولن کي ڌر بڻائي معاملن کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري رهيا آهيون ۽ اسڪولن کي پاڻ ان معاملي ۾ پنهنجو بچاءَ ڪرڻو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ 4 آڪٽبور تي خانگي اسڪولن ۾ فيسن بابت ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي ويندي. ياد رهي ته ارڙهين ترميم بعد تعليم صوبائي  معاملو آهي ۽ صوبائي حڪومتون نصاب ۽ اسڪولن جي معاملن جي نگراني جون ذميوار آهن. هلندڙ مهيني ئي سنڌ هاءِ ڪورٽ خانگي اسڪولن طرفان فيسن ۾ 5 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ کي غيرقانوني قرار ڏنو هو جنهن بعد حڪومت خانگي اسڪولن کي 5 سيڪڙو کان وڌيڪ وصول ڪيل فيس واپس ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو هو. ٻئي پاسي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهرين آگسٽ تي پنهنجي هڪ فيصلي ۾ وفاقي گادي جي خانگي اسڪولن جي شاگردن کان گرمين جي موڪلن ۾ فيس وصول ڪرڻ کي درست قرار ڏيندي ان جي اجازت ڏني هئي. ان کان اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ئي جسٽس شوڪت عزيز صديقي تي ٻڌل سنگل بئنچ 18 مئي 2018 تي خانگي اسڪولن کي گرمين جي موڪلن ۾ فيس وٺڻ کان روڪي ڇڏيو هو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close