پاڪستاننڪور خبرون

مني بجيٽ پيش، سگريٽ مهانگا، موبائلن تي ڊيوٽي وڌائڻ سمت پينشن 10 هزار روپيا ڪرڻ جي تجويز

اسلام آباد(بيورورپورٽ) حڪومت مني بجيٽ ۾ سگريٽ ۽ مهاگين موبائلن تي ڊيوٽي وڌائڻ ۽ اي او بي آءِ جي گهٽ کان گهٽ پينشن 10 هزار روپيا ڪرڻ جي تجويز پيش ڪري ڇڏي. قومي اسيمبلي ۾ ترميم ٿيل مالياتي بل پيش ڪندي ناڻي واري وزير اسد عمر چيو ته معيشت کي استحڪام، روزگار ۽ برآمدات ۾ واڌ اسان جون ترجيحون آهن، ملڪ کي قرضن جي وزن مان ڪڍڻ به اسان جي ترجيح آهي، اسيمبلي ميمبرن جي بجيٽ تجويزن تي غور ڪيو ويندو. هن چيو ته گذريل سال مالياتي خسارو 6.6 سيڪڙو تائين پهچي ويو هو، معاشي طور تي ملڪ کي مشڪل حالتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، توانائي جي شعبي ۾ گذريل سال ساڍا 4 سئو ارب روپين جو خسارو ٿيو، گيس جي شعبي ۾ 100 ارب روپين کان وڌيڪ جي خساري کي منهن ڏيڻو پيو، گيس جا سمورا معاهدا ڊالر ۾ ٿيندا آهن، ڪالهه جو فيصلو به ان ئي سلسلي جي ڪڙي آهي، جيڪڏهن اسان فيصلا نه ڪيا ته مٽاسٽا وارا ذخيرا وڌيڪ ڪري سگهن ٿا ۽ موجودا صورتحال ۾ خسارو 7.2 سيڪڙو تائين پهچي سگهي ٿو. ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته ملڪ تي پرڏيهي قرض 95 ارب ڊالر تائين پهچي چڪو آهي، ملڪي مٽاسٽا وارا ذخيرا خطرناڪ حد تائين ڪري چڪا آهن، گذريل ڪجهه مهينن ۾ ڊالر جي مقابلي ۾ روپئي جي قدر ۾ 20 روپيا گهٽتائي اچي چڪي آهي، روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي سان عام ماڻهو بري طرح متاثر ٿيندو آهي، روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي سان عام شين جي قيمتن ۾ واڌ ٿيندي آهي، روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي سان پيٽرول وڌيڪ 20 روپيا مهانگو ٿي سگهي ٿو.هن چيو ته خطرناڪ معاشي حالتن مان نڪرڻ لاءِ مشڪل فيصلا ڪرڻا پوندا، قرض 1200 ارب روپين تائين پهچي چڪو آهي، فيصلو ڪرڻو آهي ته ڇا اسان ان ئي طريقي سان اڳتي هلندا رهنداسين يا اتي هلڻ جي ڪوشش ڪنداسين، اسان جو مقصد غريب ۽ پوئتي پيل طبقي تي وزن گهٽ ڪرڻ آهي. اسد عمر جو چوڻ هو ته بجيٽ ۾ صوبن جو مجموعي خسارو 18 ارب روپيا هو، جيڪا بجيٽ پيش ڪئي وئي ان ۾ حاصل ڪيل ادائيگين جي هدف ۾ 300 ارب جو فرق آهي. ناڻي واري وزير چيو ته هاري جي آساني لاءِ ڀاڻ جي ترسيل وڌائي رهيا آهيون، وزيراعظم فيصلو ڪيو آهي ته صحت انصاف ڪارڊ جاري ڪيو وڃي، انصاف ڪارڊ جي تحت علاج لاءِ 5 لک 40 هزار روپين تائين خرچ ڏنو ويندو، مزدورن لاءِ 10 هزار گهرن جي اڏاوت جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، 8276 گهرن جي اڏاوت جي لاءِ ساڍا 4 ارب روپيا رليز ڪيا ويندا.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close