پاڪستاننڪور خبرون

پاڪستان ۾ پيدا ٿيندڙ پناهگير ٻارن کي پاڪستاني شهري هجڻ جو حق حاصل آهي: عمران خان

اسلام آباد(بيورورپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ پيدا ٿيندڙ پناهگير ٻارن کي پاڪستاني شهري هجڻ جو حق حاصل آهي. وزيراعظم عمران خان قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جيڪي ٻار جتي پيد ٿيندا آهن اهي ان ئي ملڪ جا شهري چورائيندا آهن ۽ اهو قانون پوري دنيا ۾ لاڳو آهي، پاڪستان ۾ رهندڙ افغان ۽ بنگلاديشي پناهگيرن جو حتمي فيصلو ڪرڻو پوندو، انسانيت جي ناتي افغان ۽ بنگلاديشي پناهگير بارن کي شهريت ڏئي رهيا آهيون، ان حوالي سان حتمي فيصلي کان اڳ سڀني سان مشاورت ڪنداسين، اهو انساني حقن جو مسئلو آهي، مهاجر به انسان آهن انهن جو فيصلو نه ڪيو ته معاشري ۾ سخت مسئلا پيدا ٿيندا، اپوزيشن ان باري ۾ تجويزون ڏئي ته بهتر هوندو.وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪراچي ۾ ڪيترن ئي سالن کان ماڻهو رهي رهيا آهن جن کي شهريت نه ٿي ملي، اسان انهن کي نه ملڪ کان موڪلي سگهون ٿا ۽ نه ئي اهي هتان جا شهري آهن، انسانيت جي تقاضا سڀني جي لاءِ پوري ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن اڄ فيصلو نه ٿيندو ته ڪڏهن ٿيندو، جيڪڏهن انهن پناهگيرن بابت فيصلو نه ڪيو ويو ته سخت مسئلا پيد اٿيندا، جيڪي ٻار هتي پيدا ٿيا اسان کي انهن کي ڏسڻ گهرجي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close