پاڪستاننڪور خبرون

ڊيمن جي معاملي کي سياست جي ور نه چاڙهيو وڃي، چندو گڏ ڪرڻ به سٺو ڪم آهي: خواجا آصف

اسلام آباد (بيورورپورٽ) مسلم ليگ ن جي ايم اين اي خواجه آصف چيو آهي ته ڊيمن جي معاملي کي سياست جي ور نه چاڙهيو وڃي، چندو گڏ ڪرڻ به سٺو ڪم آهي،  ماڻهو به حصو وٺي رهيا آهن،  چندي سان 2 کان 4 ارب وڌيڪ گڏ ٿين ٿا ته سٺي ڳالهه آهي، اسان کي پاڻي جي بچت جي عادت وجهڻي پوندي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته اپريل 2018ع ۾ چئني صوبن واٽر پاليسي تي صحيحون ڪيون آهن، واٽر پاليسي ۾ ڀاشا ۽ مهمند ڊيم تي اتفاق ٿيو آهي، پاڻي پاليسي ۾ ڪنهن ٻئي ڊيم جو ذڪر ناهي.  هن چيو ته 150 ارب رپيه ڀاشا ڊيم تي خرچ ٿي چڪا آهن، جنهن ۾ 122 ارب رپيه ڀاشا ڊيم جي زمين تي خرچ ٿيا آهن ۽ 9 سالن ۾ تعمير ٿيندو.  سندس چوڻ هو ته ڊيم تي پاليسي ٺهيل آهي جنهن کي تڪراري نه بڻايو وڃي، پاڻي سمنڊ ۾ ضايع ٿي رهيو آهي. خواجه آصف چيو ته پاڻي جو مسئلو سياسي نه پر 22 ڪروڙ عوام جو آهي، اسان کي پاڻي جي بچت ڪرڻي آهي، اسان کي پاڻي جي بچت لاءِ به آگاهي ڏيڻي پوندي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close