سنڌ جون خبروننڪور خبرون

ڪريڪيوليم ۾ تبديلي وقت جي ضرورت آهي، نصاب ۾ نواڻ آڻڻ گهرجي: تعليم وارو صوبائي وزير

ڄامشورو(نمائندو) سنڌ جي تعليم کاتي واري صوبائي وزير سيد سردار شاهه بيورو آف ڪريڪيوليم جي ڊائريڪٽر اصغر ميمڻ کي هدايت ڪئي آهي ته تعلقي سطح بدران اسڪول سطح تائين ڪتاب موڪليا وڃن ۽ ان جي مانيٽرنگ به ڪئي وڃي ته جيئن ڪو به شاگرد ڪتابن کان محروم نه بڻجي ۽ نه ئي ڪو ڪتاب ضايع ٿي سگهي. صوبائي وزير سيد سردار شاهه جو چوڻ آهي ته ڪريڪيوليم ۾ تبديلي وقت جي ضرورت آهي، نصاب ۾ نواڻ آڻڻ گهرجي. تعليم کاتي وارو صوبائي وزير سيد سردار شاهه ۽ اسڪول ايجوڪيشن سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو پهچي وڻڪاري مهم جي شروعات ڪئي. ان موقعي تي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي چيئرمين آغا سهيل بورڊ جي معاملن بابت کين بريفنگ ڏني. بورڊ جي چيئرمين آغا سهيل صوبائي وزير سيد سردار شاهه کي ٻڌايو ته اسان لکت تحت تعلقي سطح تائين ڪتاب پهچائيندا آهيون، جنهن تي صوبائي وزير سيد سردار شاهه جو چوڻ هو ته تعلقي سطح بدران اسڪول سطح تائين ڪتاب موڪليا وڃن ۽ ان جي مانيٽرنگ به ڪئي وڃي ته جيئن ڪو به شاگرد ڪتابن کان محروم نه بڻجي ۽ نه ئي ڪو ڪتاب ضايع ٿي سگهي. بورڊ جي چيئرمين صوبائي وزير کي ڪتابن جي ڇپائي ۽ ورهاست بابت پڻ بريفنگ ڏني، جڏهن ته سيد سردار شاهه نصابي ڪتابن جو جائزو پڻ ورتو. نصابي ڪتابن جي جائزي دوران صوبائي وزير سيد سردار شاهه جو چوڻ آهي ته ڪريڪيوليم ۾ تبديلي وقت جي ضرورت آهي، نصاب ۾ نواڻ آڻڻ گهرجي. صوبائي وزير سيد سردار شاهه سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي انتظامن ۽ ڪم کي ساراهيو، جڏهن ته سيڪريٽري اسڪولز ايجوڪيشن کي هدايت ڪئي ته سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي بلڊنگ نئين طرز تي جوڙي وڃي. ان موقعي تي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو سيڪريٽري حفيظ الله مهر، ڊائريڪٽر بيورو آف ڪريڪيوليم اصغر علي ميمڻ، يوسف احمد شيخ، عبدالحفيظ ميمڻ، شفقت قبوليو، هادي بخش کوکر ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close