پاڪستاننڪور خبرون

وزيراعظم عمران خان پاران ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي ڳالهين جي آڇ

اسلام آباد (بيورورپورٽ) وزيراعظم عمران خان ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي خط لکي پاڪ ڀارت ڳالهين جي ٻيهر بحالي تي زور ڀريو آهي. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي عمران خان کي وزيراعظم ٿيڻ کانپوءِ مبارڪباد لاءِ خط لکيو هو جنهن جي جواب ۾ وزيراعظم عمران خان کي به ڀارتي هم منصب کي خط لکيو آهي. سفارتي ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان طرفان ڀارتي وزيراعظم کي لکيل خط ۾ پاڪ ڀارت لاڳاپن تي باضابطا ڳالهيون شروع ڪرڻ تي زور ڀريو آهي. وزيراعظم عمران خان موقف اختيار ڪيو آهي ته سٺو ٿيندو ٻنهي ملڪن جا پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي سائيڊ لائن تي ڳالهيون ڪن. ٻئي طرف ڀارتي ويب سائيٽ پنهنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته ڀارتي وزيراعظم طرفان با معنيٰ ڳالهين تي زور ڀرڻ کانپوءِ وزيراعظم عمران خان خط موڪليو آهي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ملاقات تي زور ڀريو ويو آهي ۽ چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت ڪشمير سميت سمورا حل طلب مسئلا حل ڪن.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close