پاڪستاننڪور خبرون

پاڪستان مسلم دنيا ۾ تڪرار ختم ڪرڻ ۽ يمن معاملي تي مفاهمتي ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿو: وزيراعظم

رياض (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان مسلم دنيا ۾ تڪرار ختم ڪرڻ ۽ مفاهمتي ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿو، يمن تڪرار ختم ڪرائڻ لاءِ هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. وزيراعظم عمران خان العربيا ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي چيو ته سعودي عرب ضرورت پوڻ تي هميشه پاڪستان جي مدد ڪئي آهي، پاڪستان ۾ به جيڪو به اقتدار ۾ ايندو سعودي عرب جو سڀ کان پهريون دورو ڪندو. هن چيو ته مسلم دنيا ۾ ڪو به تڪرار نه هئڻ گهرجي ڇو ته مسلم دنيا ۾ تڪرار پهريون ئي اسان سڀني کي ڪمزور ڪري رهيا آهن، پاڪستان مسلم دنيا ۾ تڪرار ختم ڪرڻ ۽ مفاهمت ۾ ڪردار ادا ڪرڻ چاهيندو، يمن جو تڪرا ختم ڪرڻل ا3 هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. سندس چوڻ هو ته وچ اوڀر ۾ مفاهمت جو ڪردار ادا ڪرڻ چاهيون ٿا، حوثين جي حملن جي مقابلي لاءِ سعودي عرب جو ساٿ ڏينداسين. وزيراعظم عمران خان چيو ته افغانستان ۽ ٻين ملڪن جي تڪرارن ۾ پاڪستان پهريون ئي گهڻو متاثر ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستاني عوام سعودي عرب جو گهڻو احترام ڪري ٿو، پاڪستان هميشه سعودي عرب سان گڏ بيٺو آهي، سندس حمايت جاري رکندو. وزيراعظم عمران خان چيو ته هميشه سعودي عرب سان گڏ هونداسين ڇو ته هن هر ڏکي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو، افغانستان ۽ ڀارت سان گڏيل اعتماد تي ٻڌل سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close