پاڪستاننڪور خبرون

بلوچستان جي ضلعي ڪڇي بولان ۾ تيل جو وڏو ذخيرو هٿ ڪرڻ جي دعويٰ

ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي ضلعي ڪڇي بولان ۾ تيل جو وڏو ذخيرو هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. ماڙي پئٽروليم ڪمپني لميٽيڊ جي ترجمان اسد دراني ٻڌايو ته ذخيرو ماڙي پئٽروليم ڪمپني لميٽيڊ ۽ پاڪستان پئٽروليم لميٽيڊ جي گڏيل دريافت آهي. هن ٻڌايو ته شروعاتي طور تي سائيٽ تي 2 ٽيوب ويل لڳايا ويا جنهن ۾ هڪ مان 810 بيرل ۽ ٻئي مان 690 بيرل تيل نڪري رهيو آهي.  سندس چوڻ هو ته 1500 بيرل تيل جي روزاني پيداوار هڪ وڏي ڪاميابي آهي جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته علائقي ۾ زمين هيٺ تيل جا وڏا ذخيرا موجود آهن. ترجمان ٻڌايو ته شروعات ۾ جيڪو تيل نڪري رهيو آهي اهو ٿورو چيڙهو آهي جنهن کي ڪراچي ۾ تيل صاف ڪندڙ ڪارخانن کي موڪليو ويندو جيڪي تجزيو ڪري ٻڌائيندا ته تيل جي ڪوالٽي ڪهڙي آهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close