
سنڌ جون خبروننڪور خبرون
ٿرپارڪر ۾ ڏڪاري صورتحال شدت اختيار ڪري وئي، وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت
مٺي (رپورٽر) مٺي جي سول اسپتال غذائي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ ٽي ٻار فوت ٿي ويا آهن هلندڙ مهيني فوتي ٻارن جو انگ وڌي 37 ٿي ويو آهي. ڀارو، محمد اسلم چانڊيو ۽ امام علي بجير جا تازا ڄاول ٻار سول اسپتال ۾ فوت ٿي ويا آهن. اسپتال انتظاميا موجب 25 ٻارن جو علاج هلندڙ آهي. ٽن ٻارن جي فوتگي کانپوءِ هلندڙ مهيني فوتي ٻارن جو انگ 37 ٿي ويو آهي.