پاڪستاننڪور خبرون

ڳالهين ۾ ناڪامي کانپوءِ به پاڪستان ڪرتارپور سرحد کولڻ لاءِ تيار آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ڳالهين ۾ ناڪامي کانپوءِ به پاڪستان ڪرتارپور سرحد کولڻ لاءِ تيار آهي، ڀارت وزيراعظم عمران خان جي آڇ ٿڏي امن جي ڪوششن کي ازالو نه ٿيڻ جهڙو نقصان پهچايو. هڪ انٽرويو ۾ فواد چوڌري چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ۾ اصل مسئلو ڪشمير آهي، ٻئي ملڪ ائٽمي طاقتون آهن، جنگ ڏانهن وڃڻ سندن خيال ۾ بيوقوفي تي ٻڌل سوچ هوندي. وفاقي وزير چيو ته سندن پهرين ترجيح ڳالهيون آهن پر ڀارت جي پهرين ترجيح پاڙيسري ملڪ کي اندريان کوکلو ڪرڻ آهي، هو پنهنجا پاڙيسري بدلائي نه ٿا سگهن، هاڻي ڀارت کي فيصلو ڪرڻو پوندو. فواد چوڌري چيو ته ڀارت ۾ چونڊون ويجهو آهن، اتي پاڪستان مخالف سوچ وڪامي ٿي، ان جي ابتڙ پاڪستان ۾ ڀارت مخالف سوچ کي هٿي ناهي ملندي. فواد چوڌري چيو ته پاڪستان وٽ بلوچستان ۾ ڀارتي مداخلت جا پڪا ثبوت موجود آهن، ڪلڀوشن ياديو جي گرفتاري ان جو واضح مثال آهي. هن چيو ته ملڪي عوام والاريل ڪشمير جي آزادي واري جدوجهد جي حمايت ڪري ٿي، پاڪستان کي وادي جي اندرين معاملن جو ذميوار قرار ڏيڻ درست نه آهي، ڀارت هر ڳالهه جو الزام هڻي ٿو پر ان کي پنهنجون غلطيون به ڏسڻ گهرجن. فواد چوڌري چيو ته نئين دهلي حڪومت اندرين ڇڪتاڻ سبب پاڪستان جي آڇ کي رد ڪيو، ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته هڪ ڏينهن آڇ قبول ڪئي وڃي ۽ ٻئي ڏينهن ان کي رد ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته ڳالهين جي آڇ رد ڪري ڀارت تمام بهترين موقعو وڃايو، پاڪستان ڀارت ڏانهن دوستي جي وک وڌائي آهي، پاڙيسري ملڪ کي سوچڻ گهرجي ته تاڙي هڪ هٿ سان ناهي وڄندي. فواد چوڌري چيو ته جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل نه آهي، هو هاڻي به سمورا مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ لاءَ تيار آهن، وزيراعظم عمران خان خطي جي عوام کي غربت مان ٻاهر ڪڍڻ چاهي ٿو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close