پاڪستاننڪور خبرون

اصغر خان ڪيس جي بند ڪمري ۾ بريفنگ جي اجازت، ڪو ادارو قانون کان مٿانهون ناهي: چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ايف آءِ اي کي اصغر خان  ڪيس ۾ بند ڪمري ۾ بريفنگ ڏيڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي بينچ اصغر خان عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي ايف آءِ اي جي ڊي جي بشير ميمڻ عدالت کي بند ڪمري ۾ بريفنگ ڏيڻ جي درخواست ڪئي. ڊي جي ايف آءِ اي چيو ته هو ڪيس جون ڪجهه حقيقتون عدالت کي ڌار ٻڌائڻ چاهي ٿو جنهن تي چيف جسٽس ايف آءِ اي جي درخواست منظور ڪندي بند ڪمري ۾ بريفنگ جي اجازت ڏني. چيف جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو ته سموريون حقيقتون قوم جي سامهون اچڻ گهرجن، ڪو به ادارو قانون کان مٿانهون ناهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close